حيدر خان ٻروچ

حيدر خان ٻروچ: خان ٻروچ'>حيدر خان ٻروچ جاتي تعلقي جي ڳوٺ شاهه ڪپور جي آسپاس جو رهواسي هو. سندس تعلق ٺاراڻي ٻروچن سان هو. مرحوم خان ٻروچ'>حيدر خان ٻروچ غريب هاري هو، پر پنهنجي وقت جو هوشيار سگهڙ هو. کيس قصن، ڪهاڻين، مقالن ۽ پرولين تي عبور هو. هن ڪيتريون محفلون مچايون ۽ پسگردائيءَ ۾ سگهڙپائيءَ ۾ نالو ڪڍيو. هو ذهين، سُڄاڻ ۽ حاضر جواب شخص هو، جنهنڪري ڪچهرين جا ڪوڏيا، کيس هلي اچي دعوتون ڏئي وٺي ويندا هئا. سندس شاعريءَ ۾ سنجيدگي ۽ پختگيءَ جو عنصر نمايان هو.
سندس شاعريءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
اچي هِريو حيدر خان وٽ ڪانگ ڪميني ذات،
چارئي پهر چُڳڻ کان، ويري جهلي نه وات،
ويٺي وانهيري تي ڪين وهاڻيس رات،
حيدر چڙهيو هو پيهي تي، پرهه ڦُٽي پرڀات،
ته هو ساجهر ويٺو سنگ تي، لچو ڪري لات،
بانڪي ٻولي بات، ته اڄ اُڏامندس ڪين ڪي.


لفظ حيدر خان ٻروچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو